شوڪت صديقي

شوڪت صديقي

شوڪت صديقي

شوڪت صديقي: نامور نثر نويس شوڪت صديقيءَ 20 مارچ 1923ع تي هندوستان جي شهر لکنؤ ۾ جنم ورتو. هن جو ڏاڏو عبدالعزيز يو. پي جي ضلعي بريلي ۾ وڪالت جي شعبي سان سلهاڙيل هو، جڏهن ته سندس والد پوليس کاتي ۾ ملازمت ڪندو هو. جيڪو ورهاڱي بعد 1960ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. شوڪت صديقي دينوي تعليم امام حافظ عبدالڪريم وٽ حاصل ڪرڻ بعد يحيى گنج ورنا پرائمري اسڪول ۾ دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. هن مئٽرڪ 1938ع ۾، انٽر 1940ع ۾، جڏهن ته بي. اي جي ڊگري 1944ع ۾ ۽ سياسي ادب ۾ ايم. اي جي ڊگري 1946ع ڌاري لکنؤ مان حاصل ڪئي.
شوڪت صديقيءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران فوج جي ملازمت وسيلي ڪئي، پر 1943ع ڌاري نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ماهوار رسالي ‘ترڪش’ ۾ ايڊيٽر جي عهدي تي فائز ٿيو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد 1950ع ۾ کيس ٻين مسئلن سان گڏ مالي پريشانين جو به منهن ڏسڻو پيو، جنهنڪري صحافت کي هن باقاعده پيشي طور اختيار ڪيو. هن 1952ع کان 1954ع تائين ’پاڪستان اسٽينڊرڊ‘ ۾ سب ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيون، جنهن بعد 1960ع تائين روزاني ’ٽائمز آف ڪراچي‘ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. ان کانپوءِ 1963ع تائين ’مارننگ نيوز‘ ڪراچيءَ ۾ ساڳئي عهدي تي فائز رهيو ۽ 1966ع تائين روزاني اردو اخبار ’انجام‘ ۾ ايڊيٽر، جنهن بعد ساڳي اخبار ۾ چيف ايڊيٽر مقرر ٿيو. جنهن کانپوءِ هن 1973ع تائين هڪ هفتيوار اخبار ’الفتح‘ ۾ نگران اعلى جي اهم عهدي تي خدمتون سرانجام ڏنيون. شوڪت صديقيءَ 1979ع تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ترجمان اخبار ’مساوات‘ جو چيف ايڊيٽر مقرر ٿيڻ کانپوءِ 1984ع ڌاري صحافت کي ڇڏي ادبي سرگرمين طرف توجهه ڏني. هن لکڻ جي شروعات شاگردي دوران سترهن سالن جي ڄمار کان ئي ڪئي هئي، سندس پهريون افسانو ’ڪون ڪسي ڪا‘ جي عنوان سان هفتيوار اخبار ’خيام‘ ۾ 16 جولاءِ 1940ع تي شايع ٿيو، جنهن بعد هن ڪيترائي افسانا لکيا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، جن جو وچور هن ريت آهي: ’تيسرا آدمي‘ 1952ع، ’راتون ڪا شهر‘ 1954ع، ’انڌيرا اور انڌيرا‘ 1955ع، ’رات ڪي آنکين‘ 1968ع، ’ڪيما گھر‘ 1997ع ۽ ’عشق ڪي دو چار دن‘ 2000ع شامل آهن.
سندس پهريون ناول ’خدا ڪي بستي‘ 1957ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جا 47 ايڊيشن وڪرو ٿي ويا ۽ ان ناول کي پاڪستان ٽيليويزن تان ڊراماٽائيز ڪرڻ سان گڏ دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو ويو. هن ناول کي 1960ع ڌاري ’آدم جي اوارڊ‘ پڻ مليو. هن ناول کان اڳ سندس هڪ ناوليٽ ’ڪمين گاهه‘ جي نالي سان پڻ شايع ٿي چڪو هو.
ان بعد سندس هڪ ناول ’جانگلوس‘ جو پهريون جلد 1978ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کانپوءِ 1989ع ۾ ٻيو ۽ 1994ع ۾ ان جو ٽيون جلد ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ناول کي پاڪستان ٽيليويزن تان ڊرماٽائيز ڪري نشر ڪيو ويو، جنهن تي مصنف کي 1997ع ۾ ’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ اوارڊ سان نوازيو ويو. سندس ٻين ناولن ۽ ناوليٽن ۾ ’ڪوڪا بيلي‘ ۽ ’چار ديواري‘ پڻ ڇپجي چڪا آهن. ان کان سواءِ ’طبقاتي جدوجهد اور بنياد پرستي‘ جي عنوان سان سندس ڪالم 1988ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا، جيڪي هن صحافيءَ جي حيثيت سان 1972ع کان 1978ع تائين روزاني ’مشرق‘ ۽ ’مساوات‘ ۾ لکيا هئا. هنن ڪالمن ۾ مصنف پاڪستان جي معاشي، معاشرتي ۽ سياسي حالتن جو جائزو ورتو آهي. جڏهن ته ڪالمن جا موضوع سنجيده ۽ ادبي آهن.
کيس سندس لکڻين عيوض 2002ع ۾ ’ڪمالِ فن اوارڊ‘، 2003ع ۾ ستاره امتياز، جڏهن ته 2004ع ۾ ’اردو ادب‘ اوارڊ سان نوازيو ويو. اردو ادب جي هن نامياري افسانا نويس ۽ ناول نگار 86 سالن جي ڄمار ۾ 18 ڊسمبر 2006ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ شوڪت صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.03.20  عيسوي

نامور نثر نويس شوڪت صديقيءَ 20 مارچ 1923ع تي هندوستان جي شهر لکنؤ ۾ جنم ورتو.


2006.12.18  عيسوي

شوڪت صديقي 86 سالن جي ڄمار ۾ 18 ڊسمبر 2006ع ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لڇمڻ خوبچنداڻي
چرنداس سهاڻي
عبدالجبار عابد لغاري
ڪشنچند جيٽلي
صالح کهڙو
سجاد ظهير
الياس سيتا پوري
پروين موسيٰ ميمڻ
شاهنواز سوڍر ڊاڪٽر
شريف شاد سومرو ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون